سرطان برج

سرطان برج

سرطان برج

سرطان (برج): سرطان برج منقته البروج جي چوٿين علامت، جنهن کي ڪيڪڙي جي ذريعي ڏيکاريو وڃي ٿو. 22 جون ۽ 22 جولاءِ جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ برج سرطان قرار ڏنو وڃي ٿو. ماهرين نجوم موجب سرطان جو حاڪم ستارو چنڊ آهي. جيڪو پاڻيءَ جي علامت آهي. سرطاني ماڻهو جذباتي، حساس، رجعت پسند ۽ گھر سان محبت ڪرڻ وارا ٻڌايا وڃن ٿا. چنڊ سان نسبت رکڻ باوجود هنن جا مزاج ڏاڍا حساس ٿين ٿا. هنن جو ذهن تفهيم جي بنسبت احساس جـي طرف مائل هوندو آهي. ٻين ماڻهن جي ضرورتن ۽ جذبن جو احساس ڪـرڻ جـي صلاحيت هجڻ باوجود سرطاني برج وارا ماڻهو ڏاڍا همدرد ۽ مهربان هوندا آهن. هو گھڻو ڪري گھر کي وڌيڪ اهميـت ڏيـندا ۽ ان جو تحفظ چاهيندا آهن. ۽ تحفظ خاطر هو اڪثر اندر ئي بند ٿيو وڃن ٿا. سرطان سان لاڳاپيل ماڻهن جي پيشي ۾ گھڻو ڪري گھريلو نوعيت جو پيشو شامل آهن. جيئن مهمان نوازي، کاڌو پيتو ٺاهڻ، ڪيٽرنگ ڪرڻ، ٻارن جي سار سنڀال توڙي جائيداد جو ڪاروبار، تصنيف و تاليف يا تخيل ۽ اهڙيون ٻيون ملازمتون وغيره.


لفظ سرطان برجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو